عمرڪوٽ مان هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳو واقعو سامهون آيو آهي، جتي ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ماڇي برادري جي گهر جي چوديواري لتاڙي، ڪارروائي ڪئي آهي. الزام آهي ته اها ڪارروائي پيپلي شاهه جي چوڻ تي ڪئي وئي، جيڪو مبينا طور تي ماڇين جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.
سنڌ پوليس پاران اهڙي قسم جي ڪارروائين سان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جا سوال اڀرن ٿا. سنڌ سڀا سمجهي ٿي ته جيڪڏهن رياستي ادارا مقامي بااثر ڌرين سان ملي ڪري ڏاڍ ذريعي عوام ۾ خوف ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا، ته اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
اسان انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هن واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، متاثر ڌرين کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
سنڌ سڀا جو واضح مطالبو آهي ته:
• هن معاملي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
• گرفتار نياڻين کي ترت آزاد ڪيو وڃي.
• پيپلي شاهه خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
Be the first to know and let us send you an email when movie boxes posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.